تازه ترين

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو ڪشميري عوام کي خراج تحسين

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ هٿياربند فوج ڪشميري عوام کي خراج تحسين پيش ڪندي سندن خود اراديت جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪ فوج ڪشميري عوام جي بيمثال جذبي  کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، والاريل ڪشمير جو عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڏاڍ، رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ بربريت ۽ انساني حقن جي جاري سنگين ڀڃڪڙين جي سخت لفظن ۾مذمت ڪري ٿي.

آءِ ايس پي آر موجب، ظلم جي مقابلي ۾ ڪشميرين جو عزه پوري قوم لاءِ عزم ۽حوصلي جي نشاني آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين ڀڃڪڙين جي سخت لفظن ۾مذمت ڪري ٿي.

آءِ ايس پي آر موجب، ڪشميري عدالت کان مٿانهان قتل، جبري گمشدگين ۽ جبري حراست جهڙن ظلمن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهي ظلمَ ڀارت جي عالمي قانون، انساني همدردي جي اصولن ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو واضع ثبوت آهن.

آءِ ايس پي آر موجب، عالمي  برادري، انساني حقن جون تنظيمون ۽ گڏيل قومون ڪشميري عوام جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻن، يو اين جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي ڪشميرين جي مرضي موجب عملدرآمد يقيني  بڻايو وڃي.

پاڪ فوج جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪشمير جي منصفاڻي مقصد لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم ۽ پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي جي حفاظت لاءِ هميشه تيار آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون