تازه ترين

چيف اليڪشن ڪمشنر کي ناهي خبر چونڊون ڪڏهن ٿينديون پر هڪ پارٽي تاريخ ڏئي رهي آهي: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي ناهي خبر چونڊون ڪڏهن ٿينديون پر هڪ پارٽي تاريخ ڏئي رهي آهي، پي ڊي ايم ميثاق جمهوريت جي حق ۾ ناهي، چاهيو هو ته ميثاق جمهوريت ٽو به بڻجي، نئين ميثاق جمهوريت جي ڪوشش ڪئي پر اها نه ٿي سگهي.

مظفر ڳڙهه ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 2018ع ۾ نااهل ۽ نالائق وزيراعظم کي ملڪ تي مڙهيو ويو، نااهل شخص سبب معاشي ۽ پرڏيهي سطح تي بحران کي منهن ڏيڻو پيو.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي سليڪٽيڊ حڪومت خلاف عوام سان گڏجي تحريڪ هلائي، معاشي مسئلن جو حل پيپلز پارٽي جي منشور ۾ موجود آهي.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معاشي مسئلن سبب عوام پريشان آهي، ملڪ کي معاشي مسئلن مان ڪڍيو ويندو، وڏن وڏن ماڻهن کي سبسڊي ڏيڻ بدران عام ماڻهو کي رليف ڏنو وڃي.

ان کان اڳ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملتان ۾ اين ايف سي يونيورسٽي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صحت ۽ تعليم جي سهولتن جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ نه هجڻ گهرجي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هميشه تعليم جي ڳالهه ڪئي.

هن چيو ته پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم کام محروم ٻارن کي اسڪولن ۾ آڻڻو پوندو، وسيلن جو صحيح استعمال ٿئي ته سٺا ادارا قائم ڪري سگهجن ٿا.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن صحيح ڪم لاءِ صحيح ماڻهو کي رکيو وڃي ته بهتر نتيجا ايندا، ٻوڏ جي تباهين سبب ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون