چيمپيئنز ٽرافي گروپ بي جي پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا افغانستان کي 107 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي 316 رنسن جي ڏنل هدف ۾ افغان ٽيم 208 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
افغانستان جو رحمت الله شاهه 90 رنسون ٺاهي نمايان رهيو، راشد خان ۽ عظمت الله عمر زئي 18-18 رنسون ٺاهيون جڏهن ته ابراهيم زدران 17، رحمان الله گرباز 10، گلبدين نائب 13، نور حمد 9 ۽ محمد نبي 8 رنسن جي اننگز کيڏي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان رباڊا ٽي وڪيٽون ورتيون جڏهن ته ۽ ريان ملڊر ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.
ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو.
ريان ريڪلٽن 103 رنسون ٺاهي نمايان رهيا جڏهن ته ٽمبا باووما 58 ۽ وين ڊر ڊوسن 52 ر نسن جي اننگز کيڏي، ايڊين مارڪرم 52، ڊيوڊ ملر 14 ۽ ٽُني ڊي زوزي 11 رنس اسڪور ڪيو.
افغانستان جي محمد نبي 2 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته فضل الحق فاروقي، عظمت الله عمرزئي، نور احمد هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ڏکڻ آفريڪا جي ريان ريڪلٽن کي شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.