چيني سيڙپڪارن جي شڪايت جو صوبائي گھرو وزير نوٽس ورتو

- Advertisement -
چيني سيڙپڪارن طرفان پوليس جي مبينا ڀتا خوري ۽ هراسان ڪرڻ خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ واري معاملي جو صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽس ورتو. سنڌ جي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار آءِ جي پوليس کي جاچ ۽ سينيئر پوليس آفيسر کي جاچ آفيسر نامزد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سنڌ حڪومت ايس او پي تحت چيني شهرين جي سيڪيورٽي جي پابند آهي، چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو وڃي. ضياءُ الحسن لنجار چيو ته سنڌ حڪومت ۽ سنڌ پوليس جو مقصد چيني سيڙپڪارن کي گڏيل رابطن تحت سهولت ۽ سڪيورٽي فراهم ڪرڻ آهي، نان سي پيڪ منصوبن سان لاڳاپيل چيني شهرين کي سڪيورٽي فراهم ڪرڻ سنڌ پوليس ۽ مقامي اسپانسرز جي ذميواري آهي. گھرو وزير حڪم جاري ڪندي چيو ته چيني شهرين جي سڪيورٽي قدم ۾ گھٽتائي يا خامين کي چيڪ ڪرڻ وقت جي ضروت آهي، سڪيورٽي خال کي ختم ڪرڻ لاءِ قانون ۽ ايس او پي تحت قدم کنيا وڃن، چيني سيڙپڪارن کي ايس او پي تحت محفوظ ماحول فراهم ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون