امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن چين 34 سيڪڙو اضافي ٽيرف واپس نه ورتو ته جواب ۾ 50 سيڪڙو ٽيڪس لڳائيندا.
امريڪي صدر پنهنجي هڪ بيان ۾ چين کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته چين اضافي ٽيڪس واپس نه ورتو ته امريڪا 9 اپريل کان چين تي 50 سيڪڙو اضافي ٽيرف لڳائيندو.
صدر ٽرمپ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري بيان ۾ چيو ته چين پهريان ئي رڪارڊ ٽيرف غير مالياتي ٽيرف، غيرقانوني سبسڊيز ۽ ڪرنسي ۾ هٿ چراند جهڙا حربا استعمال ڪيا آهن ۽ هاڻي چين وڌيڪ 34 سيڪڙو ٽريف لڳايو آهي.
هن واضع ڪيو ته پهريان کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪو به ملڪ امريڪا خلاف اضافي ٽيرف لڳائيندو انکي فوري طور تي وڌيڪ ۽ سخت امريڪي ٽيرف کي منهن ڏيڻو پوندو.
ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن چين اڄ ٽيرف ۾ 34 سيڪڙو اضافو واپس نه ورتو ته امريڪا 9 مئي کان چين تي 50 سيڪڙو اضافي ٽيرف لاڳو ڪندو.
هن چيو ته چين ڳالهين لاءِ پاڻ رابطو ڪيو هو پر هاڻي اهي ختم ڪندا، جڏهن ته ٻين ملڪن سان ڳالهين جو عمل فوري طور شروع ڪيو ويندو……..