چيني عملدارن طرفان چين جي بچاءَ واري وزير لي شينگ فوڪيَ خلاف ڪرپشن الزام جي جاچ شروع ڪئي وئي.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، بچاءَ واري وزير لي شينگ فوڪيَ تي فوجي سامان جي خريداري واري معاملي ۾ ڪرپشن جا الزام آهن جڏهن ته ان کان علاوه چيني فوج جي 8 اعلى آفيسرن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪي 2017 کان 2022 تائيب لي شينگ فوڪيَ جي ماتحت ڪم ڪري رهيا هئا.
لي شينگ فوڪيَ ۽ ٻين 8 اعلى فوجي عملدارن خلاف جاچ ڪارروائي فوج جي انتهائي طاقتور ڊسيپلنري ڪميشن ڪري رهيو آهي.
برطانوي خابرو اداري موجب، چيني گھرو وزارت جي هڪ عورت ترجمان معاملي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو آهي جڏهن ته بچاءَ واري وزارت ۽اسٽيٽ ڪونسل به معاملن تي تبصرو ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.
واضع رهي ته لي شينگ فوڪيَ کي گذريل سال مارچ ۾ بچاءَ وارو وزير مقرر ڪيو ويو هو………