وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ کي جلد معاشي بحران مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، چين پاڪستان جو مضبوط دوست آهي، چين جي تازي دوري دوران وڏا مقصد حاصل ڪيا ويا آهن، شيون ٻاهر موڪلڻ کي وڌائي گهرائڻ جو سلسلو گهٽ ڪيو ويندو.
چين جو دورو ڪندڙ صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته چين پراڻا ڀائپي لاڳاپا آهي، چين سان دوستي ۽ لاڳاپن تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي، سي پيڪ جاري رهندو، سي پيڪ جا منصوبا هن حڪومتي دور ۾ مڪمل ڪيا ويندا.
سندس چوڻ هو ته هن پنهنجي چين جي تازي دوري ۾ اهم مق:صد حاصل ڪيا آهن، چين کي باضابطا طور پاڪستاني قرضن کي 5 سالن لاءِ ري شيڊول ڪرڻ جي درخواست ڪئي، اميد آهي ته چيني حڪومت سندن درخواست تي هاڪاري جواب ڏيندي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪيتريون ئي چيني ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪنديون، معاشي ترقي جا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ عوام کي به مٽيءَ وانگر متحد ٿيڻو پوندو.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چينين جي سڪيورٽي تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي، چينين جي سڪيورٽي تي حڪومت ۽ ادارا هڪ پيج تي آهن، هو پنهنجي ذميواري سمجهن ٿا.