- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته چين وينزويلا کي فينٽانيل جي سمگلنگ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، چيني صدر سان ملاقات دوران پهريون سوال فينٽانيل بابت هوندو.
وائٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صدر ٽرمپ چيو ته مختلف سببن جي ڪري وينزويلا کان خوش ناهي، وينزويلا ۾ زميني آپريشن جلد شروع ٿيندي نظر ايندو.
هن چيو ته امريڪا ۾ سمنڊ رستي منشيات جي داخلا مڪمل روڪي ڇڏي آهي، منشيات سبب 3 لک امريڪي شهري زندگيون وڃائي چڪا آهن.
هن چيو ته والاريل اولهه ڪناري بابت ڪنهن کي به فڪر ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اسرائيل اتي ڪجهه نه ڪندو.
امريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڊيموڪريٽڪ پارٽي مرده بڻجي چڪي آهي، اليڪشن چوريءَ ۾ به ملوث آهي، هو پنهنجي پگهار وائٽ هائوس تي خرچ ڪري رهيو آهي……- Advertisement -
