تازه ترين

چين پاڪستان جو 2 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي

- Advertisement -
چين پاڪستان جو 2 ارب ڊالر قرض رول اوور ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته  2 ارب ڊالرن جو قرض ميچور ٿيڻ کان اڳ رول اوور ڪيو ويندو، چين طرفان 2 ارب ڊالر جو قرض موجوده شرطن تي رول اوور ڪيو ويندو. ذريعن موجب، چين طرفان 2 ارب ڊالر ڊيپازٽ تي 2 سيڪڙو کان گهٽ وياج لاڳو ٿيندو، 2 ارب ڊالرن جي قرض جي ميچورٽي ٽائيم 23 مارچ 2024 تي مڪمل ٿي ويندو. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته چين طرفان 2 ارب ڊالرن جو قرض وڌيڪ هڪ سال لاءِ رول اوور ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيني هم منصب کي خط لکي قرض رول اوور ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، پاڪستان، چين کان مجموعي طور تي 4 ارب ڊالر قرض سيف ڊيپازٽ طور حاصل ڪيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
6 ° C
6 °
6 °
18 %
0.9kmh
98 %
ڇنڇر
16 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
18 °
اربع
16 °

تازه ترين خبرون