تازه ترين

چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڀائيوار آهي: وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته  چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڀائيوار آهي، هو  چيني ٽيڪسٽائل صنعت کي  پاڪستان ۾ صنعتون هڻڻ جي دعوت ڏين ٿا.

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ پاڪ-چين معاشي سهڪار وڌائڻ بابت اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ مختلف وفاقي وزارتن  پاڪ چين ٻطرفن معاشي لاڳاپن بابت تجويزون پيش ڪيون.

وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته چين پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڀائيوار آهي، چيني ٽيڪسٽائل صنعت کي  پاڪستان ۾ صنعتون هڻڻ جي دعوت ڏيون ٿا.

سندس چوڻ هو ته حڪومت چيني صنعت ڪارن ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪندي.

وزيراعظم جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهرين کي فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي.

هن چيو ته سي پيڪ جي اڳئين مرحلي جي حوالي سان ڀرپور تياري ڪري رهيا آهيون، چين جي سهڪار سان گوادر پورٽ کي لاجسٽڪ جو حب بڻايو ويندو.

شهباز شريف جو چوڻ هو ته ايگري ڪلچر ڊيمانسٽريشن زونز قائم ڪرڻ سي پيڪ جي ٻي مرحلي جي حوالي سان اهم منصوبو هوندو.

هن چيو ته برامدات وڌائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ ۾ چين پاڪستان لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
5.4kmh
2 %
خميس
35 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون