تازه ترين

چين پنهنجي شهرين جي سڪيورٽي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف طرفان چين جي دوري کي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته چين پنهنجي شهرين جي سڪيورٽي تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي،  سي پيڪ ٽو تي ڪم تيزي سان اڳتي وڌندو.

وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  چين جي دوري دوران سي پيڪ منصوبي تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن، جلد  چين جو اعليٰ سطحي وفد  پاڪستان جو دورو ڪندو.

هن چيو ته الله تعاليٰ کين موقعو ڏنو آهي ته  چين سان رشتي کي جوڙيون ۽ وڌيڪ مضبوط ڪيون.

سندس چوڻ هو ته احسن اقبال، اسحاق ڊار،  سيڪريٽري فنانس ۽ ٻين بهترين ڪم ڪيو آهي،  ڪامياب دوري تي سمورن ميمبرن جا ٿورائتا آهن.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين جي دوري دوران سڪيورٽي جا معاملا  ايجنڊا ۾ پهرين نمبر تي رهيا،  چين جي سڪيورٽي بابت چيني حڪومت کي خاطري ڪرائي وئي آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
5.4kmh
2 %
خميس
35 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
36 °

تازه ترين خبرون