تازه ترين

سکر : مهر – جتوئي خوني تڪرار جو جرڳو، ڌرين تي مجموعي طور ست خون ثابت، 2 ڪروڙ 20 لک رپيا ڏنڊ مقرر

- Advertisement -
چڪ ۾ هلندڙ مهر-جتوئي خوني تڪرار جو جرڳو ڪيو ويو، هڪ عورت سميت 7 خون ثابت ٿيڻ تي مجموعي طور تي 2 ڪروڙ 20 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي. جرڳو سکر ۾ علي گوهر مهر ۽ ٻين جي سرپئنچي ۾ ٿيو. جرڳي دوران في خون جي بها 25 لک ۽ ناري جي خون جي بها 50 لک رپيا مقرر ڪئي وئي. جرڳي ۾ جتوئي برادري جا مهرن تي ٻه ۽ مهر برادري مٿان جتوئي برادري جا 5 خون ثابت ٿيا. مهر ۽ جتوئي خوني تڪرار جي جڙ مغوي فريد مهر ۽ عامر مهر موٽاڻي جي اغوا جي ساک ورتي ويندي. جاري ڪيل فتويٰ ۾ چيو ويو ته مغوين جا وارث شڪ هيٺ آيل رشيد ڪرسي، ظهير جتوئي ۽ شمن ڪوش جي ڏاڏنگ مان ساک وٺندا. فتويٰ موجب چوري ڪندي ڀاڳين هٿان چور مئو ته ان جو ڏنڊ ساٿي ڀريندا، جڏهن ته ڀاڳيو آزاد هوندو. زمين ۽ نقصان جي ڪاميٽي مقرر ڪئي وئي، جيڪي بعد ۾ فيصلو ڪندا. مهر ۽ جتوئي تڪرار ۾ هڪ ٻئي جون ڦر ٿيل مينهون ۽ ٽريڪٽر هڪ هفتي اندر اصل مالڪن حوالي ڪيا ويندا. جتوئي ۽ مهر ڌرين ۾ اڳرائي ڪرڻ جو 25 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ڌرين کي پابند بڻايو ويو. جرڳي ۾ ڌرين جي چڱن مڙسن شرڪت ڪئي. جتوئي ۽ مهر ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار سبب علائقي ۾ امن امان جي صورتحال خراب هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون