تازه ترين

ڇاڇرو: ريشمان راھمون جي خون سان انصاف لاءِ احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو

ڇاڇري ۾ ريشمان راھمون جي خون سان انصاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو.

ناري جي ڀاءُ عثمان راهمون، يوسف راهمون، اسلام الدين راهمون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تھ ڳوٺ موسيٰ جي ڍاڻي ۾ 13 ڏينھن اڳ ريشمان راھمون کي قتل ڪيو ويو ھو.

ھنن الزام ھڻندي چيو تھ ايس ايڇ او کيمي جو پار ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ڌر بڻيل آھي جڏھن تھ 13 ڏينھن گذرڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ناھي ڪري سگھي جيڪا سراسر ناجائزي آھي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ريشمان راھمون جي خون سان انصاف ڪيو وڃي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
light rain
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
34 %
1.9kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون