ڇا مان پاڪستاني بالر ناھيان: شاھنواز ڏاھاڻي جو ٽيم ۾ سليڪٽ نھ ٿيڻ تي بيان
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاھنواز ڏاھاڻي قومي ون ڊي ٽيم ۾ سليڪٽ ٿيڻ تي سوشل ميڊيا تي ڪيل پوسٽ ڊليٽ ڪري ڇڏي.
ايشيا ڪپ ۽ افغانستان سيريز ۾ سليڪٽ نھ ٿيڻ تي قومي ڪرڪيٽر شاھنواز ڏاھاڻي سوشل ميڊيا تي صحافين ۽ پي سي بي کي تنقيد جو نشانو بڻايو ھو.
ڪرڪيٽر شاھنواز ڏاھاڻي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ۾ لکيو تھ چيف سليڪٽر جي پريس ڪانفرنس ۾ ڪنھن صحافي سندس باري ۾ سوال پڇڻ جي ھمت نھ ڪئي.
شاھنواز ڏاھاڻي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ۾ لکيو تھ ڇا ڏاھاڻي پاڪستاني بالر نھ آھي.
شاھنواز ڏاھاڻي جي طرفان سوشل ميڊيا تي ڏنل بيان بعد پي سي بي مئنيجمينٽ بھ ناراض ٿي وئي.