تازه ترين

ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي بيواهه پوليس تي بي اعتمادي اظهار ڪندي پوليس تي سندس سهري کان زبردستي بيان وٺي صحيحيون ڪرائڻ جو الزام

- Advertisement -
ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي بيواهه پوليس تي بي اعتمادي اظهار ڪندي پوليس تي سندس سهري کان زبردستي بيان وٺي صحيحيون ڪرائڻ جو الزام لڳايو آهي. بيواهه نيامت ڪنڀر جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ الزام لڳائيندي چيو ته عمرڪوٽ پوليس سندس سهري کان پنهنجي مرضي جو بيان وٺي ان کان زبردستي صحيحيون ورتيون آهن، هو اهڙي بيان کي رد ڪري ٿي، کيس پوليس جي جاچ تي به اعتماد ناهي. بيواهه چيو ته پوليس سندس مڙس جو خون لوڙهڻ چاهي ٿي، سنڌ جو شعور کيس انصاف ڏيارڻ لاءِ هُن جو ساٿ ڏي. هوڏانهن ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي بيواهه جي بيان کانپوءِ پوليس ترجمان جاري ڪيل پڌرائي ۾ نيامت خاتون جي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو بيان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته بيواهه نيامت خاتون جي بيان ۾ ڪا به صداقت ناهي، پوليس ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي والد کان اهڙو ڪو به بيان ناهي ورتو. ٻئي طرف ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي والد پنهنجي نُنهن نيامت خاتون جي وڊيو بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڊاڪٽر شاهد ڪنڀر جي والد پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو ته سندس ننهن نيامت صدمي ۾ ورتل آهي، جنهن ڪري هن وڳوڙين جي چرچ تي اهڙو بيان ڏنو آهي، جنهن ۾ ڪا به صداقت ناهي. هن چيو ته سندس پٽ جي ڪيس کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن پوليس کي اهڙو ڪو به بيان ناهي ڏنو. سندس چوڻ هو ته سنڌ جو شعور هنن سان گڏ آهي، هو ڪيس جي ڀرپور نموني پيروي ڪندي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائيندو. ڊاڪٽر شاهد ڪنڀر جي والد الزام لڳائيندي چيو ته سندس پٽ واري واقعي ۾ ڊي آءِ جي، ايس ايس پي، سي آءِ اي انچارج ۽ ايس ايڇ او سنڌڙي ملوث آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
21.5 ° C
21.5 °
21.5 °
50 %
4kmh
16 %
جمعو
24 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °

تازه ترين خبرون