تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ڊاڪٽر شاھنواز جي ٻيھر ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سندس جسم ساڙڻ سميت ڪُلھي جي ھڏي بھ ٽٽل ھئڻ جو انڪشاف

- Advertisement -
ميرپورخاص پوليس پاران جعلي مقابلي ۾ ماريل ڊاڪٽر شاھنواز جي ٻيھر ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سندس جسم ساڙڻ سميت ڪُلھي جي ھڏي بھ ٽٽل ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قبرڪشائي بعد ڪيل پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ جي مڪمل ڪاپي سنڌ ٽي وي نيوز ھٿ ڪري ورتي. رپورٽ ۾ ڊاڪٽر شاھنواز جي جسم کي باھ ڏئي ساڙڻ جو بھ انڪشاف ٿيو آھي. پوليس سرجن حيدرآباد ۽ لمس جي چئن ڊاڪٽرن پاران ڪيل پوسٽ مارٽم جي شروعاتي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز جي پنجن پاسراٽين سميت ڪُلھي جي ھڏي بھ ٽٽل ھئي، جنھن ھڏي جا ڪجهھ حصا گم ٿيل بھ آھن. رپورٽ ۾ پاسراٽين ٽٽڻ بابت ٻڌايو ويو آھي تھ ڊاڪٽر جي کاٻي پاسي واري پھرين پاسراٽي گولي لڳڻ سبب ٽٽل ھئي، جڏھن تھ زوردار ڌڪ لڳڻ سبب ساڄي پاسي واريون 4 پاسراٽيون ٽٽل ھيون. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز جي لاش جو اڳيون حصو، چھرو ۽ مٿي جا وار ۽ چمڙي بھ سڙيل ھئي. پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ اھو پڻ انڪشاف ڪيو ويو آھي تھ ڊاڪٽر جي ٻنھي ھٿن جا نُنھن ۽ پير بھ جزوي طور ساڙيل ھئا. شروعاتي رپورٽ ۾ اھو پڻ ڄاڻايو ويو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز جي جسم جا مختلف جزا ڊي اين اي ٽيسٽ ۽ ڪيميڪل ايگزامنيشن لاءِ ليبز ۾ موڪليا ويا آھن، جيڪي اچڻ بعد مڪمل رپورٽ جوڙي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
29 %
2.3kmh
0 %
آچر
22 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
31 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون