تازه ترين

ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي دفنائڻ ۾ رنڊڪون وجھڻ ۽ ساڙڻ جي الزام ۾ 34 ڄڻن تي ڪيس داخل

- Advertisement -
عمرڪوٽ ويجهو مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي دفنائڻ ۾ رنڊڪون وجھڻ ۽ ساڙڻ جي الزام ۾ 34 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جڏهن ته گرفتار ٿيل 10 جوابدارن جا پوليس نالا ظاھر ناهن ڪيا. ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي لاش کي وارثن کان ڦرڻ، دفنائڻ ۾ رنڊڪ وجهڻ ۽ لاش کي ساڙڻ جو ڪيس سندس سالي ابراھيم ڪنڀر جي فرياد تي 19 سڃاتل ۽ 15 اڻڄاتل جوابدارن خلاف دھشتگردي ايڪٽ تحت، عمرڪوٽ جي تعلقي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ فريادي ڄاڻايو آھي تھ ھو شاھنواز جي آخري رسمون ادا ڪرڻ لاءِ وڃي رھيا ھئا تھ ڪجھه وڳوڙي ماڻھو اچي ويا، جيڪي ايمبولينس جو رستو روڪي بيٺل ھئا، جنهن دوران مولوي احمد ولد عبدالرحيم شاھاڻي چڙ ڏياريندڙ تقرير ڪري اتي موجود ماڻھن کي ڀڙڪايو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي تھ لاش کي ساڙيو. فريادي ڄاڻايو ته محبوب ساند، رياض پنھور، امجد پنھور، غمشاد پنھور، نور حسن پنھور، غلام مجتبيٰ پنھور، صيفل پنھور، دائود پنھور، لکير سميجو، ارشد سميجو، عليم سميجو، سليم ساند، شير علي سميجو، ميوو سميجو،  نويد پنھور، فقير پليجو، معشوق خاصخيلي، بدرو پنھور، غفار رانگڙ کي نامزد ڪيو ويو. ڪيس ۾ 15 اڻڄاتلن ماڻهو جن جي ھٿ ۾ پيٽرول سان ڀريل بوتلون ھيون، جن کي مولوي احمد شاھاڻي چيو تھ لاش کي باھ ڏئي ساڙيو، جنھن بعد هو ايمبولينس ڀڄائي ڪنري روڊ تي آيا ۽ لاش کي ايمبولينس مان لاھي ڪار ۾ رکيو. ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو تھ لاش کي پنھنجي زمين ۾ دفنائڻ لاءِ پھتاتھ اتي پڻ مٿين ڄاڻايل جوابدار موٽر سائيڪلن تي پھچي ويا ۽ لاش ڦري زمين تي رکيو ۽ آس پاس سڪل گاھ ميڙي مٿان پيٽرول ھاري لاش کي باھ ڏئي ڇڏي ۽ نعريبازي ڪندا ھليا ويا. ھوڏانھن ان ڏس ۾ گرفتار ٿيل 10 جوابدارن جا پوليس اڃا تائين نالا ظاھر ناھن ڪيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
30.8 ° C
30.8 °
30.8 °
29 %
1.9kmh
6 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون