ضياءَ الحسن لنجار جي حڪم تي گهرو کاتي جو ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري لاءِ هائيڪورٽ جي رجسٽرار کي خط

- Advertisement -
ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس بابت سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن جي رپورٽ تحت وڏي وزير گھرو وزير کي قانون موجب قدم کڻڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي، جنهن بعد معاملي جي عدالتي جاچ لاءِ هائيڪورٽ کي خط لکيو ويو آهي. سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن پاران ڊاڪٽر شاھنواز کي پوليس ڪسٽڊي ۾ قتل ڪرڻ ۽ ان جي لاش کي ساڙڻ بابت سنڌ جي وڏي وزير کي موڪليل فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ کان پوءِ وزيراعليٰ سنڌ، سيد مراد علي شاھ، سنڌ جي گھر وزير ضياءَ الحسن لنجار کي ھڪ ليٽر لکي ڄاڻايل رپورٽ تحت، قانون، رولز ۽ پاليسين موجب وڌيڪ گھربل قدم کڻڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي. ڪجھ ڏينھن اڳ سنڌ ھيومن رائيٽس ڪميشن پنھنجي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ڄاڻايو تھ ڊاڪٽر شاھنواز تي توھين جو الزام سوشل ميڊيا وسيلي لڳو، قانون موجب ان جي جاچ پھرين ايف آءِ آءِ کان ڪرائي وڃي ھا، پر ان ڏس ۾ ڪي بھ قدم نھ کنيا ويا ھئا، رپورٽ ۾ اھو بھ ڄاڻايو ويو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز کي پوليس ڪسٽڊي ۾ ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪيو ويو. رپورٽ ۾ آزاد ذريعن جو حوالو ڏيندي اھو بھ چيو ويو آھي تھ ڪوڙي مقابلي کان اڳ ڊاڪٽر شاھنواز تي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو ھو. صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار جي حڪم تي گهرو کاتي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل جي جوڊيشل انڪوائري لاءِ  هائيڪورٽ جي رجسٽرار کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو ته 18 سيپٽمبر تي جڙتو مقابلي ۾ ڊاڪٽر شاهنواز کي قتل ڪيو ويو، سندس مڙهه جي بي حرمتي ڪئي وئي، جنهن جو عمر ڪوٽ ۾ وارثن جي مرضيءَ تي ڪيس داخل ڪيو ويو. خط ۾ چيو  ويو ته  ضروري آهي ته ان معاملي جي عدالتي  جاچ ڪرائي وڃي ته جيئن اصل حقيقت خبر پئي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
30%
8.2m/s
0%
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون