- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو آهي ته ڊسمبر 2023ع دوران سنڌ روينيو بورڊ 21 ڏهائي 3 بلين رپين جي رڪارڊ روينيو ڪليڪشن ڪئي، ڊسمبر 2022ع ۾ 17 ڏهائي 5 بلين رپيا جمع ڪيا ويا هئا، ڊسمبر 2023ع ۾ روينيو اوڳاڙي ۾ 22 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.
موجوده مالي سال تي سنڌ روينيو بورڊ جي اوڳاڙي بابت بيان ۾ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته سنڌ روينيو بورڊ مالي سال 24-2023ع جي پهرين ڇهن مهينن ۾ 108 ڏهائي 6 بلين رپين جي اوڳاڙي ڪئي.
سندس چوڻ هو ته گذريل مالي سال 23-2022ع جي پهرين ڇهن مهينن دوران 80 ڏهائي 2 بلين رپين جي اوڳاڙي ٿي هئي، هلندڙ مالي سال آمدني ۾ 35 سيڪڙو اضافو ٿيو.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته سنڌ روينيو بورڊ ڏکي معاشي حالتن ۾ به بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي.
هن چيو ته آمدني ۾ غير معمولي اضافو ايس آر بي تي ٽيڪس ڏيندڙن جو مسلسل اعتماد ۽ سهڪار آهي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته سنڌ حڪومت جي ڀرپور سهڪار سبب ايس بي آر آفيسرن ۽ عملي ڪوششن سان ڪاميابي حاصل ٿي، ناڪاري سبب باوجود ايس بي آر پنهنجو هدف 235 بلين رپيا حاصل ڪرڻ تي رکيو.- Advertisement -
