تازه ترين

ڊونلڊ ٽرمپ جا صدر بائيڊن ۽ سندس خاندان مٿان رشوت وٺڻ جو الزام

آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ کي بيگناهه قرار ڏيندي صدر بائيڊن ۽ سندس خاندان مٿان رشوت وٺڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو.

امريڪي ميڊيا موجب، اڳوڻو صدر ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن ڊي سي جي عدالت ۾ پيش ٿيو.

امريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته جج ڪيپيٽل هل تي 6 جنوري جي واقعي سان لاڳاپيل چار الزام پڙهي ٻڌايا ۽ ايندڙ ٻڌڻي 28 آگسٽ تي مقرر ڪئي.

آمريڪي ميڊيا موجب ڊونلڊ ٽرمپ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي صدارتي بحث کان پنج ڏينهن پوءِ ٿيندي.

اڳوڻي صدر تي الزام آهي ته هن 2020 جي چونڊن جي نتيجن کانپوءِ غيرقانوني طور تي عهدي تي رهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.

آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ تي الزام ثابت ٿيڻ جي صورت ۾ کيس 55 سال قيد جي سزا ٿي سگهي ٿي.

ان موقعي تي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ الزام هنيو ته کيس جوبائيڊن جي ڪري گرفتاريءَ جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ موجب، بائيڊن ۽ سندس خاندان ٻين ملڪن کان ڪروڙين ڊالر رشوت وٺي رهيا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
24 %
7kmh
6 %
خميس
32 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون