تازه ترين

ڊيجيٽل دهشتگردي ٿي رهي آهي، رياست به محفوظ ناهي، سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڪهڙي رول تحت هلي رهيا آهن; عظميٰ بخاري

- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته ڊيجيٽل دهشتگردي ٿي رهي آهي، رياست به محفوظ ناهي، سمورا سوشل ميڊيا اڪائونٽس ڪهڙي رول تحت هلي رهيا آهن، سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا اڪائونٽس جا رولز آهن، پاڪستان ۾ هر ڪو ڪهڙي به پوسٽ ڪري رهيو آهي، ڪير روڪڻ وارو ناهي، هو سوشل ميڊيا خلاف نه پر قاعدن ۽ ضابطن جي ڳالهه ڪن پيا، رولز ريگوليشن ٺهي ويندا ته ايڪس تي پابندي ختم ٿي ويندي. لاهور هائيڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته سوشل ميڊيا اڪائونٽس جو آزادي اظهار راءِ جي آڙ ۾ غلط استعمال ڪيو ويندو آهي، هاڻي سوشل ميڊيا اڪائونٽس جو استعمال رولز ريگوليشنز تحت ڪيو ويندو. سندس چوڻ هو ته هو سوشل ميڊيا خلاف ناهن، سڄي دنيا ۾ سوشل ميڊيا اڪائونٽ ريگوليٽ ٿيندا آهن، پاڪستان ۾ به سوشل ميڊيا اڪائونٽ رولز موجب ريگوليٽ ٿيڻ گهرجن. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته ڪو ملڪ ائين ناهي هلندو، جيئن هو پاڪستان کي هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اميد آهي چيف جسٽس لاهور هائيڪورٽ پنهنجي ذميواري پوري ڪندو، چيف جسٽس جيڪي اڄ سوالا اٿاريا اهي پارليامينٽ ۽ ٻين ادارن لاءِ به آهن. هن چيو ته هتي ته رياست محفوظ ناهي، هتي سوشل ميڊيا اڪائونٽس ذريعي ڊيجيٽل دهشتگردي ٿي رهي آهي، ڪيپيٽل هل تي حملو ٿيو ته جوابدار کي 7 سال سزا ڏني وئي، سندس ملڪ ۾ چيو ويندو آهي ته جيڪو ٿي رهيو آهي ٿيڻ ڏيو. پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته اڄ سمنڊ پار انقلابي بڻيل آهن، هي ڪو طريقو آهي ته پاڪستان جي ادارن کي ڪجهه به چئي وٺندا، ادارن جي سربراهن جون تصويرون لڳائي ڊيجيٽل دهشتگردي ٿي رهي آهي، رولز ۽ ريگوليشن کانسواءِ ڪابه سوشل ميڊيا سائٽ نه هلڻ گهرجي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
34 %
3.2kmh
0 %
اربع
34 °
خميس
28 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
31 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون