ڊيرا اسماعيل خان ويجهو دهشتگردن آئل اينڊ گيس ڪمپني جي ڪيمپ تي حملو ڪري ڊيوٽي تي موجود ٻن پوليس اهلڪارن کي شهيد ۽ ٽن کي زخمي ڪري ڇڏيو.
درازنده واري علائقي ۾ آئل اينڊ گيس ڪمپني جي ڪيمپ تي دهشتگردن جي حملي ۾ پوليس اهلڪار رحمت الاهي ۽ محمد عارف شهيد ٿي ويا ۽ اي ايس آءِ عالمشير ، فضل الرحمان ۽ عطا الرحمان زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب حملو الحاج آئل اينڊ گيس خانگي ڪمپني تي ڪيو ويو، شهيد اهلڪارن جا مڙهه ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪمپني ڪيمپ تي پوليس جي نفري مقرر هئي جنهن کي نشانو بڻايو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ پوليس جي وڌيڪ نفري پهچي وئي آهي، جڏهن ته دهشتگردن جي ڳولا جاري آهي……….