تازه ترين

ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس وين ويجهو ڌماڪو، 6 ڄڻا مارجي ويا، 20 کان وڌيڪ زخمي

ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس وين ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

ٽانڪ اڏي وٽ پوليس وين ويجهو ڌماڪو ٿيو.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ قمر زمان سميت 6 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته عبدالحميد، اسحاق، قدرت الله، ناصر، ياسمين ۽ شيرين سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا.

اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال پهچايو.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪار به زخمي ٿي پيا آهن جڏهن ته زخمين مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

پوليس موجب، ڌماڪي بعد فائرنگ جا آواز به به ٻڌا ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي معلومات موجب پوليس وين کي ٽارگيٽ ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي………

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
light rain
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
34 %
1.9kmh
100 %
اڱارو
30 °
اربع
32 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون