- Advertisement -
بلوچستان جي ڊيرا مراد جمالي واري علائقي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه سڳا ڀائر قتل ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.
دوست هوٽل ڀرسان هٿياربندن صابر علي بگٽي ۽ سندس ڀاءُ محمد ابراهيم بگٽي کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ ۾ ٽي ڄڻا زخمي به ٿي پيا.
اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
مقتولن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو……….- Advertisement -
