آءِ جي سنڌ ڊي ايس پي خانپور پاران ڪيل ايس ايس پي شڪارپور خلاف پريس ڪانفرنس جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي.
آءِ جي سنڌ ڊي ايس پي خانپور مهدي رضا ٽالپر کي بدلي ڪري فوري طور سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
ڊي ايس پي مهدي رضا ٽالپر پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي شڪارپور خالد مصطفيٰ ڪورائي مٿان سنگين الزام لڳايا هئا.
گذريل ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي مهد رضا ٽالپر، ايس ايس پي شڪارپور کي ذهني مريض قرار ڏنو هو.