ڊي جي رينجرز سنڌ پاران اليڪشن جي سلسلي ۾ مختلف علائقن جو دورو، سڪيورٽي صورتحال جو جائزو

- Advertisement -
ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر اليڪشن جي سلسلي ۾ مختلف علائقن جو دورو ڪري سڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو. ڊي جي رينجرز پاران سوڪ سينٽر، ڪارساز، ڊرگ روڊ، قائد اعظم جي مزار، دائود چورنگي، انڊس چورنگي، قيوم آباد، نارٿ ناظم آباد، سهراب ڳوٺ ۽ ٻين علائقن جو دورو ڪيو. علائقي جي سيڪٽر ڪمانڊرز پاران ڊي جي رينجرز سنڌ کي سڪيورٽي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ڊي جي رينجرز سنڌ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز جي علائقن ۾ سڪيورٽي جو خاص جائزو ورتو. ڊي جي رينجرز سنڌ طرفان سڪيورٽي جي حوالي سان انتظام وڌيڪ بهتر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. ڊي جي رينجرز جنرل اظهر وقاص جو چوڻ هو ته سنڌ رينجرز جا ڪوئيڪ ريسپانس جٿا هر قسم جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ هر وقت تيار آهن. سندس چوڻ هو ته  اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل قاعدن ۽ ضابن تي عمل کي يقيني بڻايو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
27%
1.3m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون