ڊکڻ ويجهو مختلف ٿاڻن جي پوليس حيدرآباد جي واپاري حسن ناصر نظاماڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪري ست شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ورتو.
ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين جي اڳواڻيءَ ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس ڳوٺ ماهي خان شر تي چڙهائي ڪئي.
پوليس گهر گهر جهڙتي ورتي ۽ ست شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ڪيترائي ڍور ڪاهي ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيا.
ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين جو چوڻ آهي ته حيدرآباد جي واپاري حسن ناصر نظاماڻي جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چڙهائي ڪئي پر جوابدار هٿ ناهن آيا، ڪجهه شڪي ماڻهو گرفتار ۽ چوپايو مال ڍڪ حوالي ڪيو آهي.