ڊکڻ ۾ زمين جي معاملي تان هٿياربندن جي ڳوٺ تي فائرنگ خلاف انڙ برادريءَ جي ماڻهن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
انڙ برادريءَ جي مردن ۽ عورتن پاڪ ڪتاب کڻي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.
ڌرڻي سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ روڊ جي ٻني پاسن کان گاڏين جو قطارون لڳي ويون.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته خروس برادري جي ماڻھن سندن زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ ڳوٺ تي فائرنگ ڪئي آھي.
ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ اسان مٿان حملو ڪندڙ خروس برادريءَ جي ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.