ڌانڌليءَ جا الزام هڻندڙن کي ثبوت پيش ڪرڻ گهرجن: سڪندر سلطان راجا

- Advertisement -
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته ڌانڌليءَ جا الزام هڻندڙن کي ثبوت پيش ڪرڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن ميڊيا رپورٽن جي بنياد تي فيصلا نه ٿي ڪري سگهي. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبر خيبرپختونخوا اڪرام الله خان اين اي 55 راولپنڊي جي نتيجن بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران ڪامياب اميدوار ابرار احمد جو وڪيل اليڪشن ڪميشن آڏو پيش ٿيو. ڪامياب اميدوار جي وڪيل چيو ته رٽرننگ آفيسر اين اي 55 جو قطعي نتيجو جاري ڪري ڇڏيو آهي، اليڪشن ڪميشن درخواست کي نه ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي رد ڪري، وڌيڪ جاچ لاءِ معاملو اليڪشن ٽربيونل ڏانهن اماڻي سگهجي ٿو. درخواست ڏيندڙ بشارت راجا جي وڪيل چيو ته ميڊيا رپورٽن موجب به اين اي 55 تي بشارت راجا ڪامياب ٿي رهيو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته اليڪشن ڪميشن ميڊيا رپورٽن جي بنياد تي فيصلا نه ڪندي، ڌانڌلي ۽ نتيجن ۾ ڦير ڦار جا الزام لڳائيندڙ ثبوت به پيش ڪن. بشارت راجا جي وڪيل چيو ته ثبوت اليڪشن ڪميشن وٽ آهن، فارم 45 کوليو ۽ ڏسو ته اڇا ڪارا پڌرا ٿي ويندا. اليڪشن ڪميشن اين اي 55 راولپنڊي جي نتيجن بابت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
14.2 ° C
14.2 °
14.2 °
31%
0.3m/s
14%
اربع
14 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون