تازه ترين

ڏهرڪي ويجهو قتل ٿي ويل انيس الرحمان جو قاتل سندس پٽ نڪتو،

- Advertisement -
ڏهرڪي ويجهو قتل ٿي ويل انيس الرحمان جو قاتل سندس پٽ نڪتو، چاچي طرفان ڀائٽي تي سندس والد جو قتل جو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. ڏهرڪي ٿاڻي تي مقتول انيس الرحمان جي ڀاءُ ميان شفيع الرحمان جي فرياد تي سندس ڀائٽي ميان عبدالرحمان مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. فريادي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته اسين گهر ڀاتي گهر ۾ موجود هئاسين ته ڀائٽي ميان عبدالرحمان گهريلو اڻبڻت تان پنهنجي والد ميان انيس الرحمان کي پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته جوابدار پيءُ کي قتل ڪرڻ بعد پنهنجي ڄنگهه ۾ گولي هڻي پاڻ کي زخمي ڪرڻ بعد منڊڪائيندي واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو. سندس چوڻ هو ته جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
44 %
3.8kmh
0 %
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون