ڏوڪري ۾ ٻيلي کاتي ڪارروائي ڪندي 3 سئو ايڪڙ سرڪاري زمين تان قبضو ختم ڪرائي ورتو.
هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڊي ايف او، آر ايف او، ڊي ايس پي سان گڏجي ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن ڪيو.
ڊي ايف او عبدالحليم ٻرڙو جو چوڻ هو ته امروٽ ٻيلي مان 3 سئو ايڪڙن کان وڌيڪ سرڪاري زمين تان قبضو ختم ڪرايو ويو، معاشري ۾ رهندڙ هر فرد تي واجب ٿئي ٿو ته وڌ کان وڌ وڻ پوکي، وڻ پوکڻ سان موسمياتي تبديلين کي منهن ڏئي سگهجي ٿو………