تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي بهادر فوجي جوان شهيد

- Advertisement -
ڏکڻ وزيرستان ۾ دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي بهادر فوجي جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر طرفان جاري پڌرائي موجب، وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ ٽي بهادر فوجي جوان شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، شهيد جوانن ۾ سپاهي اسدلله، سپاهي محمد سفيان ۽ زين علي شامل آهن. ترجمان پاڪ فوج موجب، 30 ورهين جي جي سپاهي اسد الله شهيد جو تعلق مٽياري سان هو، 28 سال جو سپاهي محمد سفيان شهيد ڊيرا اسماعيل خان  ۽ 24 ورهين جو زين علي بهاولنگر جو رهواسي هو. آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ ٻين امڪاني دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويوآهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، بهادر جوانن جون اهڙيون قربانيون سندن عزم وڌيڪ مضبوط ڪنديون آهن. واضع رهي ته ان کان اڳ اتر وزيرستان ۾سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڪيپٽن محمد اسامه بن ارشد شهيد ٿي ويو هو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
52 %
2.2kmh
5 %
خميس
16 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
19 °
آچر
19 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون