ڏکڻ ۽ اتر غزا تي اسرائيلي بمباري ۾ وڌيڪ 26 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
اسرائيلي فورسز جي غزا ۾ بربريت جاري آهي، ڏکڻ ۽ اتر غزا تي اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 26 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
خان يونس ۾ اسرائيلي ڊرون حملي ۾ 3 ڄڻا شهيد ٿي ويا، اسرائيلي فورسز غزا ۾ نصيرات ڪئمپ کي به نشانو بڻايو، جڏهن ته اتر غزا ۾ پناهگير ڪئمپن تي پڻ ٽينڪن سان گوليباري ڪئي ويئي.
غزا ۾ شهيدن جو انگ 44 هزار 330 ٿي ويو، جڏهن ته هڪ لک 4 هزار 933 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.
گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته غزا ۾ 10 لک ماڻهن کي خوراڪ جي کوٽ آهي.
ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو چيو آهي ته هو غزا ۾ جنگبندي لاءِ تيار آهن پر حماس سان جنگ جي خاتمي لاءِ تيار ناهن.