تازه ترين

ڦلجي اسٽيشن ويجهو هٿياربندن هوٽل تي ويٺل شخص کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ڦلجي اسٽيشن ويجهو هٿياربندن هوٽل تي ويٺل شخص کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. پاٽ شريف ۾ هٿياربند هوٽل تي ويٺل محمد عثمان چانڊيو کي گولين جو کاڄ بڻائي فرار ٿي ويا. قتل ٿي ويل شخص جي ڀاءُ علي حسن چانڊيو جو چوڻ هو ته سندس ڀاءُ محمد عثمان چانڊيو هوٽل تي ويٺل هو ته هٿياربندن کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته ڪجهه مهينا اڳ دلدار چانڊيو جي پٽ لال بخش چانڊيو ڦاهو کائي آپگهات ڪيو هو، ان جي الزام ۾ لکمير چانڊيو، مختيار چانڊيو، بشير چانڊيو، دلدار چانڊيو ۽ رستم اڄ سندس ڀاءُ کي قتل ڪيو آهي. رڪڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ دادو ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
20.7 ° C
20.7 °
20.7 °
61 %
2kmh
47 %
خميس
21 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون