- Advertisement -
ڦلجي اسٽيشن ويجهو چانڊيا-برهماڻي تڪرار تان هٿياربندن نوجوان کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
هٿياربندن نوجوان ذوالفقار چانڊيو کي گولين جو کاڄ بڻائي ڇڏيو.
وارثن جو چوڻ هو ته گذريل رات ذوالفقار علي چانڊيو واپس گهر اچي رهيو هو ته برهماڻي برادري جي ماڻهن کيس گوليون هڻي قتل ڪيو.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
پوليس جو چوڻ آهي ته چانڊيا ۽ برهماڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ تڪرار هلندڙ آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
