تازه ترين

ڦلهڏيون واسي مامو ۽ ڀاڻيجو سستي وين ڏيڻ بهاني گهرائي صادق آباد مان اغوا ڪري  10 لک رپيه به ڦر ڪيا ويا

ڦلهڏيون واسي مامو ۽ ڀاڻيجو سستي وين ڏيڻ بهاني گهرائي صادق آباد مان اغوا ڪري  10 لک رپيه به ڦر ڪيا ويا.

ڦلهڏيون واسي رضوان آرائين ۽ سندس مامو غلام مصطفيٰ آرائين سستي وين وٺڻ لاءِ صادق آباد ويا جتي کين اغوا ڪيو ويو.

هٿياربندن مامي ڀاڻيجي کان 10 لک رپيا به ڦر ڪري ورتا.

مغوين جي وارث عمير آرائين ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي سستي وينن جا ڦوٽو ڏسي رضوان ۽ غلام مصطفيٰ سودو ڪرڻ لاءِ ويا 24 ڪلاڪن کان رابطو ناهي ٿيو، ٻنهي سان آخري رابطو صادق آباد ۾ ٿيو هو ۽ پوءِ فون بند ٿي ويا آهن.

ڦلهڏيون پوليس جو چوڻ آهي ته رضوان ۽ غلام مصطفيٰ آرائين جا وارث آيا جن ٻڌايو ته ٻئي ڄڻا 10 لک رپيا کڻي وين وٺڻ لاءِ ويا جيڪي اغوا ٿي ويا آهن.

پوليس موجب، مامي ڀاڻيجي آخري لوڪيشن ۽ رابطو صادق آباد ۾ ٿيو آهي جڏهن ته واقعي پنجاب صوبي ۾ ٿيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي……

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
42 %
2.3kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون