تازه ترين

ميرپور خاص: زميندار جي مبينا تشدد ۾ فوت ٿيل عورت جي وارثن جو ڌرڻو

ڦهلڏيون ويجهو زميندار جي مبينا تشدد ۾ عورت فوت ٿي وئي جڏهن ته وارثن پاران انصاف لاءِ ميرپورخاص ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري لاش پريس ڪلب اڳيان رکي ڌرڻو هنيو ويو.

ڳوٺ ڪنچاري واسي ڪولهي برادري جي ماڻهن رام سنگهه ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ميرپورخاص پريس ڪلب اڳيان عورت جو لاش رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته سندن ڏهن ورهين جو ڀيمراج ڪولهي زميندار روشن مڱرئي وٽ ٻڪريون چاريندو هو، نينگر دير سان پهتو ته زميندار مٿس تشدد ڪيو.

هنن الزام هڻندي چيو ته نينگر کي ڇڏائڻ لاءِ سندس امڙ وئي ته زميندار مٿس تشدد ڪري زهريلي دوا پياري ڇڏي.

سندن چوڻ هو ته هو عورت کي سول اسپتال حيدرآباد کڻائي ويا جتي هوءَ فوت ٿي وئي، پوليس بااثر زميندار خلاف ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون