کهڙا ويجهو هٿياربندن واپاري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ پير عيسيٰ ويجهو واپاري ظهير ميتلي جو سارين جي فصل مان گولين سان پروڻ ٿيل لاش هٿ آيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
وارثن جو چوڻ هو ته نوجوان رات کان وٺي گم هو، جنهن جو اڄ لاش مليو.
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي قاتلن جي نشاندهي لاءِ جاچ ڪئي پئي وڃي.