تازه ترين

کهڙا ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو زخمي

کهڙا ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جڏهن ته متاثر ڌر طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺ حسين آباد ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو.

جهيڙي ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب علي حيدر شيخ زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

زخمي نوجوان جي ڌر طرفان خالد شيخ، نسيم، غلام حيدر شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام ھڻندي چيو ته معمولي ڳالهه تان علي حسن شيخ جي ڌر جي ماڻھن گل شيخ، سجاد، جبار، ھمٿ، گل محمد، وقار ۽ ٻين سندن نوجوان علي حيدر شيخ کي اڪيلو ڏسي لٺيون ۽ سروٽا ھڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.

هنن چيو ته واقعي جي اين سي ٿاڻي تي داخل ڪرائي آھي پر پوليس ھڪ جوابدار به گرفتار نه ٿي ڪري پوليس بااثرن سان ٻٽ بڻيل آهي.

احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي خيرپور ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف انڪوائري ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي……

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.7 ° C
16.7 °
16.7 °
14 %
2kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون