- Advertisement -
فٽيجز….
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته کيس اقتدار مان ڪڍندڙ شخص پاڻ استعيفيٰ ڏئي هليو ويو آهي، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪندڙ هڪ نوڪري به ڏني آهي، کيس تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو پر اڄ عوام جي سامهون آهي.
مسلم ليگ ن طرفان سياحتي مرڪز مرڪز مريءَ ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو.
جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته جنهن کيس ڪڍيو اهو استعيفيٰ ڏئي ڪري وڃي رهيو آهي، جنهن کيس ڪڍيو ان سٺو ڪيو يا خراب ڪيو؟.
سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس ٿيڻو هو اڄ استعيفيٰ ڏئي ڪري وڃي رهيو آهي، هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪندڙ هڪ نوڪري به ڏني آهي، کيس تاحيات نااهل قرار ڏنو ويو پر اڄ عوام جي سامهون آهي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته افسوس آهي ته سندس وڃڻ بعد ملڪ کي ڇا ٿي ويو، هو عوام جي خدمت ڪري رهيو هو، هن ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، بجلي سستي ڪئي.
جلسي کي خطاب ڪندي ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته نواز شريف ايندو آهي ڪاروبار هلندو ۽ پورهيت جو چلهه ٻرندو آهي، اقتدار حاصل ڪري مري جي گهر گهر ۾ گئس فراهم ڪئي ويندي.
سندس چوڻ هو ته ووٽ ڪو ڪاغذ جو ٽڪرو ناهي سوچي سمجهي ڪاسٽ ڪيو، ووٽ جي پرچي سان ايندڙ نسلن جي ترقي جو فيصلو ٿيندو آهي.
ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته هو چاهن ٿا پاڪستان ترقي ڪري مري جا مسئلا حل ٿين، گذريل پنجن سالن ۾ مري ۾ مختلف مافياز کي آندو ووي، مري جي ماڻهن مافياز کي هتان ڀڄائي ڪڍيو……….- Advertisement -
