تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

کيس ٻڌايو ويو آهي ته ايران ۾ قتلام بند ٿي ويو آهي: ڊونلڊ ٽرمپ

- Advertisement -
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته ايران ۾ قتلام بند ٿي ويو آهي. وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر چيو ته کيس ٻڌايو ويو آهي ته ايران ۾ ڦاهي جي سزا جو ڪو به منصوبو ناهي ۽ ايران ۾ قتلام به بند ٿي ويو آهي. ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر ايران کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن مظاهرين خلاف تشدد جاري رهيو ته سخت جواب ڏنو ويندو. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته وينزويلا ۾ راز پڌرا ڪندڙ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وينزويلا آپريشن سان لاڳاپيل ڳجهي ڄاڻ ظاهر ڪرڻ تي پينٽاگون جي هڪ ڪنٽريڪٽر کي گرفتار ڪيو ويو آهي، وينزويلا ۾ 30 ڏينهن اندر چونڊون ٿينديون. ٽرمپ جو چوڻ هو ته کين گرين لينڊ جي ضرورت آهي، ڏسون ته گرين لينڊ بابت اڳتي ڇا ٿو ٿئي، ڊنمارڪ سان سندن سٺا لاڳاپا آهن، هو گرينڊ لينڊ معاملي تي ڊنمارڪ تي اعتماد نٿو ڪري سگهي. آمريڪي صدر چيو ته هن واپار ذريعي دنيا ۾ 8 جنگيون روڪيون. هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ معدني ذخيرن بابت ايگزيڪيوٽو آرڊر تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.4 ° C
9.4 °
9.4 °
40 %
2.8kmh
0 %
آچر
19 °
سُومر
16 °
اڱارو
16 °
اربع
17 °
خميس
18 °

تازه ترين خبرون