تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪئنال ٺهڻ سان زرعي زمينون تباهه ٿي وينديون، پيئڻ جو پاڻي به گهٽ ٿيندو : سعيد غني

- Advertisement -
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ڪئنال ٺهڻ سان زرعي زمينون تباهه ٿي وينديون، پيئڻ جو پاڻي به گهٽ ٿيندو، ڪئنالن ذريعي پنجاب جي ماڻهن جون به زمينون آباد نه ٿينديون، پنجاب ۾ به پاڻي جي کوٽ آهي ته پوءِ ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟،  پ پ سنڌو درياهه مان ڪئنالن ڪڍڻ جي ڀرپور مخالفت ڪئي آهي. شاهراهه ڀٽو جي ٻئي انٽرچينج جي افتتاح بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪئنالن واري معاملي تي سخت اعتراض اٿاريا آهن، ڪئنالن بابت جڏهن ڪنهن کي به خبر نه هئي تڏهن سنڌ حڪومت آواز اٿاريو ۽ خط پڻ لکيا. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ حڪومت ۾ آهي، حڪومتن وٽ احتجاج کان سواءِ ٻيا به رستا هوندا آهن، ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ڪڍڻ نه ڏنا ويندا. صوبائي وزير چيو ته ان خوشفهمي مان نڪرڻ گهرجي ته پاڻي رڳو سنڌ جو مسئلو آهي، پنجاب جون زمينون به متاثر ٿينديون. سندس چوڻ هو ته شاهراهه ڀٽو فيز ٽو جي تعميراتي ڪم جو جائزو ورتو ۽ ڪم جي رفتاري جي به جاچ ڪئي آهي، ايڪسپريس وي 16 ڪلوميٽر تائين مڪمل ٿي ويو آهي ۽  شاهراهه ڀٽو تي ڪم بهتر نموني ٿي رهيو آهي. سعيد غني چيو ته منصوبي جو اعلان مارچ ۾ ڪيو ويو هو پر اپريل ۾ مڪمل ٿيندو، رمضان ۽ عيد جي موڪلن جي ڪري ڪم سست ٿي ويو، منصوبو ڊسمبر 2025 تائين مڪمل ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته پندرهن ڪلوميٽرن جو فاصلو طئي ڪرڻ ۾ يارنهن منٽ لڳا، ٺٽي ۽ ملير لاءِ سفر آسان ٿيندو. صوبائي وزير چيو ته انٽرچينج جو ڪم به اپريل ۾ شروع ڪيو ويندو، هن منصوبي تي 54 بلين لاڳت آهي. ان موقعي تي وقار مهدي، سعيد نجمي عالم، راجا رزاق بلوچ ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
0.2 ° C
0.2 °
0.2 °
32 %
3.9kmh
43 %
ڇنڇر
4 °
آچر
8 °
سُومر
8 °
اڱارو
7 °
اربع
9 °

تازه ترين خبرون