ڪئنيڊا  سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڪئنيڊا  سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي تصديق ڪئي ڪندي ڀارتي ڳجهي اداري را جي مقامي سربراهه ۽ ڀارتي سفارتڪار کي ڪينيڊا مان نيڪالي ڇڏي ڇڏي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن هڪٻئي جي سفارتڪارن کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي.

سک اڳواڻ جي قتل جي جاچ جاري آهي ۽ ان ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت سامهون آيا آهن، جنهن ڪري ڀارت ۽ ڪينيڊا ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.

سک اڳواڻ هرديپ  سنگهه نجر جي قتل تي ڪينيڊا سخت قدم کڻندي ڀارت جي اعليٰ ترين سفارتڪار کي  ڪينيڊا ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڀارتي سفارتڪار ڪينيڊا ۾ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جو سربراهه هو.

ڪينيڊا جي پرڏيهي وزير ميلاني جوليءَ  سينيئر ڀارتي سفارتڪار ۽ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي مقامي سربراهه کي فوري طور ملڪ کان نڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن قتل جو الزام ثابت ٿي ويو ته اها سندن خودمختياري جي ڀڃڪڙي هوندي.

ان کان اڳ پارليامينٽ ۾ ڳالهائيندي ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو چيو ته ڪينيڊين انٽيليجنس هرديپ جي موت ۽ ڀارتي حڪومت وچ ۾ تعلق جي نشاندهي ڪئي آهي.

هن چيو ته اهو معاملو هن جي ٽوئنٽي اجلاس ۾ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي آڏو  اٿاريو هو، ڪينيڊا جي ڌرتيءَ جي شهري قتل ۾پرڏيهي حڪومت جو ملوث هجڻ سندن خودمختياريءَ خلاف آهي.

جسٽن ٽروڊو چيو ته اها آزاد ۽ جمهوري معاشرن جي بنيادي اصولن جي به ڀڃڪڙي آهي.

ڀارت ڪينيڊين وزيراعظم طرفان لڳايل الزام رد ڪندي ڀارت ۾ مقرر ڪينيڊين سفارتڪار کي ملڪ ڇڏڻ جو چيو.

ڀارتي پرڏيهي وزارت جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته هو ڪينيڊا جي وزيراعظم ۽ سندس پرڏيهي وزير جي بيانن کي رد ڪن ٿا.

ڀارت ڄائي ڪينيڊين شهري هرديپ سنگهه نجر کي ڪينيڊا جي صوبي برٽس ڪولمبيا ۾ هلندڙ سال 18 جون تي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو هو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
9.6 ° C
9.6 °
9.6 °
27%
2.2m/s
15%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون