تازه ترين

ڪارساز سانحي وارو هنڌ ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ خوني جدوجهد جو شاهد آهي : آصفه ڀٽو زرداري

- Advertisement -
خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪارساز سانحي وارو هنڌ ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ خوني جدوجهد جو شاهد آهي، ڪارساز وٽ بزدل دشمن جمهوريت تي حملو ڪيو، پر هو جمهوريت جي سفر کي روڪي نه سگهيا. ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ارڙهين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچي ايئرپورٽ کان محترمه بينظير ڀٽو جي قيادت ۾ نڪرندڙ قافلو هڪ تاريخ ساز لمحو بڻجي ويو. سندس چوڻ هو ته 18 آڪٽوبر تي اوڀر جي نياڻي کي نشانو بڻايو ويو، پر سندس وفادار ساٿين پنهنجي قائم کي بچائڻ لاءِ جانين جي قرباني ڏئي ڇڏي. خاتون اول ۽ قومي اسيمبيليءَ جي ميمبر چيو ته ڪارساز ۾ ڪارڪنن جي پهرين صف شهيد ٿي ته ٻي اڳتي وڌي ۽ 180کان وڌيڪ ڪارڪنن شهادت ماڻي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته عزم، همت ۽ قرباني جا اهڙا لازوال داستان سڄي دنيا جي جمهوري تحريڪن لاءِ مشعل راهه آهن. هن چيو ته ڪارساز سانحي جي شهيدن جون قربانيون رائيگان نه ويون، هنن جمهوريت جي هن جدوجهد ۾ جرئت جو ٻج پوکيو. خاتون اول ۽ قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چيو ته ڪارساز سانحي جي شهيدين جي جرئت جو پوکيل ٻج اڄ به هر تحريڪ ۾ گل بڻجي مهڪي رهيو آهي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته شهيدن جي رت سندن رستي کي اونداهو نه پر روشن ڪيو آهي، جيستائين ملڪ جو هر شهري آزاد ۽ برابر نه ٿي ويندو، هو جمهوريت جي شهيدن جي رستي کي اڳتي وڌائيندا رهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
19 %
6.4kmh
0 %
خميس
30 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون