سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد ڪارونجهر جبل تي هر قسم جي ڪٽائي کان روڪيندي ورلڊ هيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد، وڪيل شنڪر ميگھواڙ پاران ڪارونجهر جبل کي قومي ورثو قرار ڏيڻ لاءِ داخل درخواست تي 5 سيپٽمبر تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت ڪارونجهر جبل تي هر قسم جي ڪٽائي کان روڪيندي ورلڊ هيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته ڪارونجهر جبل مان گرينائيٽ سميت ڪنهن به معدنيات جي ڪٽائي يا کوٽائي تي پابندي هوندي، ٻيلي کاتي سميت ڪنهن به ايريا مان ڪٽائي کان ڪارونجهر کي محفوظ بڻايو وڃي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪارونجهر قدرتي جبل آهي ان جي نيلامي جي ڪنهن به صورت ۾ اجازت نه ڏيندا.
عدالت تاريخي ماڳ تي وڻڪاري به يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ٻيلو کاتو ۽ جهنگلي جيوت کاتو ٻوٽا پوکن ۽ هر ٽئين مهيني عدالت ۾ اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.
عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪارونجهر جبل ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ثقافتي ماڳ آهن جن کي نيلام ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، تاريخي ماڳ جي ڪٽائي ڪرڻ بدران تحفظ ڪري عالمي ورثو قرار ڏنو وڃي.
عدالت فيصلي ۾ چيو ته ڪارونجهر جبل کي نقصان پهتو ته سيڪريٽري معدنيات، ڊپٽي ڪمشنر ٿرپاڪر ۽ لاڳاپيل ڌريون ذميوار هوندا.
عدالت چيو ته ڪارونجهر ۾ 109 ٽڪريون آهن، 45 کان 50 ٽڪرين تي مذهبي عبادتگاهون آهن اهي بحال رهنديون.