سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو آھي تھ سندس لاءِ ڪارونجھر رڳو جبل نھ پر مزاحمت جي علامت آھي.
ميرپورخاص ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئشن طرفان ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪندي چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو ته حقن لاءِ جدوجھد ڪرڻ گھرجي، ٿر جي ماڻھن جي جدوجھد رنگ لائيندي.
چيف جسٽس احمد علي شيخ چيو تھ ٿر ۾ جيڪا ڊولپمينٽ ٿي رھي آھي، اھا ڏسي کيس خوف ٿئي ٿو تھ اڳتي الائي ڇا ٿيندو؟
ھن چيو تھ ميرپورخاص ڊويزن ۾ وڏا نالا آھن، حليم باغي، جمن دربدر بھ کيس ياد آھن.
چيف جسٽس وڌيڪ چيو ٿر جي ماڻھن ۾ وڏو ٽيلينٽ آھي، اتان ڪيترائي سٺا جج پيدا ٿيا آھن پر کين اڃا بھ وڌيڪ محنت ڪرڻ گھرجي.
ھن وڌيڪ چيو تھ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ميرپورخاص جو حق ھو، جلد ئي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت سان ڳالھائي ميرپورخاص ۾ بينڪنگ ڪورٽ ۽ اينٽي ڪرپشن ڪورٽ قائم ڪئي ويندي.
ان موقعي تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ جي جسٽس عمر سيال پڻ خطاب ڪيو….