تازه ترين

ڪجهه قوتون اڃا به پي ٽي آءِ چيئرمين کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهن: ميان جاويد لطيف

ن ليگ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو آهي ته ڪجهه قوتون اڃا به پي ٽي آءِ چيئرمين کي بچائڻ لاءِ سرگرم آهن،  چونڊن ۾ جنهن جي ڪارڪردگي بهتر هوندي عوام ان کي ووٽ ڏيندو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جاويد لطيف چيو ته پرڏيهي سازشن  جو حصو بڻجندڙن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين ٽاپ تي آهن، آواز اٿي رهيا آهن ته پندرهن مهينن ۾ جمهوريت ڪمزور ٿي.

هن چيو ته 2017ع ۾ نوازشريف ووٽ کي عزت ڏيڻ جو نعرو هنيو، پندرهن مهينن دوران پرڏيهي معاملن ۽ ملڪي حالتن ۾ بهتري آندي، ڪوشش ڪئي ته ان عرصي ۾ 2017ع وارو پاڪستان واپس آندو وڃي پر هو ناڪام ويا. جاويد لطيف چيو ته ملڪ جون حالتون ايتريون خراب ٿي ويون آهن جو نوازشريف کانسواءِ ٻيو ڪير به ٺيڪ نه ٿو ڪري سگهي، ادارن ۾ ويٺل ماڻهن، عوام ۽ سي پيڪ مخالف قوتون کي به احساس ٿي چڪو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,170FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
23.2 ° C
23.2 °
23.2 °
18 %
2.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون