تازه ترين

ڪجهه ماڻهو ڪي پي جي امن ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهن: عطا تارڙ

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته دهشتگردن کي پاڪستان ۾ رهڻ جي اجازت نه ڏيندا، فيصلو ڪيو آهي ته قومي ايڪشن پلان تحت دهشتگردن کي شڪست ڏني ويندي، تحريڪ انصاف ۽ پي ٽي آءِ باني هر فورم تي دهشتگردن جا حامي رهيا آهن، تاثر آهي ته تحريڪ طالبان، تحريڪ انصاف جي هٿياربند ونگ بڻجي چڪي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو، ڪجهه ماڻهو ڪي پي جي امن ۾ سڀ کان وڏي رنڊڪ آهن. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انتشار واحد پارٽي آهي جنهن کي شهيدن جي قربانين ۽ ملڪي سلامتي جي ڪابه پرواهه نه آهي، ان کي رڳو اهو فڪر آهي ته ڪي پي ۾ ڪهڙي طرح ورهاست پيدا ڪئي وڃي ۽ حالتون ڪيئن خراب ڪيون وڃن. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف باني ۽ سندس پارٽي جي عادت رهي آهي ته عالمي سطح تي هو دهشتگردن جا مددگار رهن. عطا تارڙ چيو ته تحريڪ انصاف باني ۽ سندس پارٽي دهشتگردن جي هر فورم تي حامي رهيا آهن، فيصلو ڪيو ويو آهي ته قومي ايڪشن پلان تحت دهشتگردن کي شڪست ڏني ويندي. هن چيو ته سڄي قوم دهشتگردي کي ختم ڪرڻ لاءِ متحد ٿي، پاڪ فوج جي جوانن ۽ ٻارڙن جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان لاءِ محب وطن ماڻهن جون قربانيون سڀني جي اڳيان آهن، پاڪستان فوج دهشتگردي کي شڪست ڏني، گذريل دور ۾ هر روز دهشتگردي جا واقعا ٿيندا هئا. عطا تارڙ چيو ته پريڊ لائن مسجد ڌماڪي ۾ ماڻهن جي شهادتن کي وساري نٿو سگهجي، فتنه الخوارج جو نه دين سان تعلق آهي نه اسلام سان، مسجدن ۽ معصوم ماڻهن تي حملن کي جائزو قرار نه ٿو ڏئي سگهجي. سندس چوڻ هو ته عالم سڳورن جو رت به شامل آهي، فوج جي قربانين کي وساري نٿو سگهجي، آپريشن ردالفساد ۽ آپريشن ضرب عضب جي نتيجي ۾ دهشتگردي جو خاتمو ٿيو. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته بازارن جون رونقون واپس ٿيون ۽ راندين جا ميدان آباد ٿيا، جيل ۾ ويٺل شخص جي خواهش آهي ته لاشن تي سياسي ڪيئن چمڪائي وڃي. عطا تارڙ چيو ته پ پ پاڪستان کپي جو نعرو لڳايو، پاڪستاني واحد قوم آهي جنهن جي ٻارڙن به دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن، آرمي پبلڪ اسڪول جي ٻارڙن پنهنجي رت سان قربانين جو داستان لکيو. هن چيو ته هڪ شخص جا 3 ٻارڙا واقعي ۾ شهيد ٿيا هئا ۽ هو همت ۽ حوصلي سان چئي رهيو هو ته ملڪ لاءِ سندس جان به حاضر آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا جي غيور عوام جي لازوال قربانين جو دستان رقم ٿيل آهي، پاڪ فوج، سويلين، دڪاندار، ڊاڪٽر، انجنيئر، ٻار ۽ معاشري جو هر طبقو قربانين جي داستان ۾ روشن باب جي حيثيت رکي ٿو. عطا تارڙ چيو ته تاثر آهي ته تحريڪ طالبان تحريڪ انصاف جي هٿياربند ونگ بڻجي چڪي آهي، ڪي پي جي نئين وڏي وزير لاءِ اهڙي شخص جي چونڊ ڪئي وئي جيڪو ڪيسن ۾ نامزد آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون