ڪراچيءَ جي منشيات جي خاتمي واري اسپيشل عدالت مقتول مصطفيٰ عامر خلاف منشيات جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.
منشيات جي ڪيس ۾ مصطفيٰ عامر جو نالو عامر عرف تيمور، عامر شجاع جي پٽ جي طور تي داخل ڪيو ويو هو.
ايس ايڇ او ، اي اين ايف ڪورنگي عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته جوابدار عامر عرف تيمور فوت ٿي ويو آهي.
عدالت ۾ ايس ايڇ او، اي اين ايف مقتول مصطفيٰ عامر جي موت جو سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيا دستاويز پيش ڪيا.
ايس ايڇ او جي بيان کانپوءِ عدالت مصطفيٰ عامر خلاف داخل منشيات جو ڪيس ختم ڪري ڇڏيو.
ڄاڻايل ڪيس ۾ عمار حميد ۽ فيصل يعقوب کي جوابدار قرار ڏنو ويو.
عدالت هڪ ڀيرو ٻيهر ٻنهي جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت پاران 22 فيبروري تي مصطفيٰ عامر جي گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪيا ويا هئا.
مصطفيٰ عامر ۽ ٻين جوابدارن خلاف 2024 ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو………..