تازه ترين

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڪيبل آپريٽز جا سمورا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي

ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڪيبل آپريٽز جا سمورا مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.

ڪيبل آپريٽرز  ايسوسيئشن جي جنرل سيڪريٽري سيد غفران مجتبيٰ نقوي  ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب سان ملاقات ڪري ڪيپ جي مسئلن بابت آگاهه ڪيو.

سندس چوڻ هو ته ڪي ايم سي طرفان ڪيبل آپريٽرز جي ڪروڙين رپين جي ماليت جي فائبر آپٽڪ تار ڪاٽي وئي.

هن چيو ته ڪيبل آپريٽرز کي باقائده صنعت سمجهو وڃي ڇاڪاڻ ته هو ٻين ادارن کان وڌيڪ ٽيڪس ادا ڪندا آهن.

سيد غفران مجتبيٰ چيو ته ڪيبل آپريٽرز جي صنعت سان واڳيل سڀ نوجوان آهن، هو به ڪراچيءَ جي خوبصورتيءَ ۾ پنهنجو حصو وجهڻ لاءِ تيار آهن، پر حڪومتي ادارن جي عدم دلچسپي  سبب کين ڪنهن به قسم جون سهولتون فراهم نه پيون ڪيو وڃن.

ڪراچيءَ جي ميئر، ڪيپ جي سفارشن جي واکاڻ ڪندي فوري طور منظور ڪري روتو.

مرتضيٰ وهاب جو چوڻ هو ته هو سڀ  گڏجي شهر جي تعمير ۽ ترقي لاءِ قدم کڻندا ته ڪراچي ٻيهر روشنين جو شهر بڻجي ويندو، ڪيبل آپريٽرز جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويا ويندا………..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون